سيد گل محمد شاهه لڪياري

سيد گل محمد شاهه لڪياري

سيد گل محمد شاهه لڪياري

سيد گل محمد شاهه لڪياري: سيد گل محمد شاهه ولد سيد حاجي ولي محمد شاهه لڪياري 25 جون 1917ع تي سيوهن ۾ پيدا ٿيو. والد صاحب جي وفات کانپوءِ لعل شهباز جي درگاهه جو خدمتگار ۽ سجاده نشين ٿيو. جيئن ته سندس طبيعت به نرالي هوندي هئي، هر رنگ ۾ پورو هوندو هو. هن جي ظاهري طرح آمدني گھٽ ۽ خرچ تمام وڏا هوندا هئا. مهمان نوازي ۽ سخاوت ۾ مشهور هو. ڏڪر يا پيداوار گهٽ ٿيڻ ڪري هارين کي قرض ۽ ٻج وغيره معاف ڪري ڇڏيندو هو. سيد گل محمد شاهه سياست ۾ به قدم رکيو، ڊسٽرڪٽ ڪائونسل دادو ۽ ميونسپالٽي سيوهڻ جو صدر ۽ چيئرمئن پڻ ٿيو. 1960ع تائين پاڻ درگاهه جو سجاده نشين هو، ان بعد درگاهه اوقاف کاتي جي سنڀال هيٺ آئي. شخصي طور وڏي دٻدٻي وارو شخص هو، جو انگريزن جي دور جا اسٽيشن ماستر گاڏي اسٽيشن تي بيهاري ڇڏيندا هئا ۽ جيستائين سيد گل محمد شاهه گاڏيءَ ۾ سوار نه ٿئي يا لهي اجازت نه ڏئي، تيستائين گاڏي بيٺي هوندي هئي ۽ گارڊ جھنڊي نه ڏيکاريندا هئا. حڪيم مخدوم محمد مراد صديقي، سيد صادق علي شاهه سبزواري، سيد موٽيل شاهه سبزواري، سيد مراد علي شاهه، پير صالح محمد شاهه، رئيس علڻ خان لغاري، ملڪ سڪندر، رئيس پيرل خان شهاڻي ۽ سيٺ غلام حيدر ٻرڙو سندس گھاٽا دوست ۽ همعصر هئا. سندس مهمان خاني تي سدائين محفلون متيون پيون هونديون هيون. سيٺ قبول محمد لوهار سهتي سان سندس وڏو قرب هو ۽ ان وٽ وڃي ڪچهري ڪندو هو.
سيد گل محمد شاهه لڪياريءَ 7 نومبر 1967ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي، کيس سيوهڻ ۾ پنهنجي والد جي ڀرسان دفن ڪيو ويو. کيس 3 پٽن سيد محمد مراد شاهه، سيد محمد صادق عرف حاجن شاهه ۽ سيد الله بخش شاهه سميت پنجن نياڻين جو اولاد هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1917.06.25  عيسوي

سيد گل محمد شاهه ولد سيد حاجي ولي محمد شاهه لڪياري 25 جون 1917ع تي سيوهن ۾ پيدا ٿيو.


1967.11.07  عيسوي

سيد گل محمد شاهه لڪياريءَ 7 نومبر 1967ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي، کيس سيوهڻ ۾ پنهنجي والد جي ڀرسان دفن ڪيو ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خورشيد حسن شيخ
نوشاد احمد شيخ ڊاڪٽر
ڏاهري غلام قادر
حاجي محمد سمون
سيد لعل محمد شاهه للاڻي
پرمانند ميوارام
شاهه حبيب
ابن النديم
تاج محمد مشتاق مولوي
سرتيز عمادالملڪ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون